چوڌري پرويز الاهي کي ٻيهر گرفتار ڪيو ويو

لاهور هاءِ ڪورٽ طرفان آزاد ڪرڻ جو حڪم باوجود وري ٻيهر پي ٽي آءِ اڳواڻ پرويز الاهي کي گرفتار ڪيو ويو

لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس امجد رفيق پرويز الاهي کي اڄ پيش نه ٿيڻ جي صورت ۾ ڊي جي نيب جا وارنٽ جاري ڪرڻ جي وارننگ ڏني هئي، نيب پاران چوڌري پرويز الاهي کي پيش ڪيو ويو

جسٽس امجد رفيق رمارڪس ۾ چيو ته انٽرا ڪورٽ اپيل خارج ٿيڻ باوجود پرويز الاهي کي گرفتار ڪيئن رکيو ويو؟

نيب جي پراسيڪيوٽر چيو ته مون کي ان جي خبر نه آهي، جسٽس امجد رفيق چيو ته ان معاملي جي انڪوائري ٿيندي، في الحال چوڌري پرويز الاهي کي آزاد ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري رهيو آهيان، چوڌري پرويز الاهي نيب پاران پنهنجي گرفتاريءَ کي چئلينج ڪيو هو

اسلام آباد پوليس چوڌري پرويز الاهي کي ڪينال روڊ تان گرفتار ڪري ورتو، اسلام آباد پوليس ان کي گرفتار ڪري وفاقي دارالحڪومت کڻي رواني ٿي وئي

Read Previous

ناڻي واري وزارت توانائي جي قيمتن ۾ واڌ سبب مهانگائي ۾ وڌيڪ اضافو جو خدشو ظاهر ڪري ڇڏيو

Read Next

عدالت 11 مختيارڪارن جي معطلي جو نوٽيفڪيشن اڏائي ڇڏيو

Most Popular