ورلڊ ڪپ جي ٽرافي 5 سيپٽمبر تي پاڪستان پهچندي

آءِ سي سي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ٽرافي جي پاڪستان جي دوري کي حتمي شڪل ڏني وئي آهي.

ذريعن موجب ورلڊ ڪپ جي ٽرافي جي پاڪستان جو دورو 5 ۽ 6 سيپٽمبر تي ٿيندو، جنهن تحت ٽرافي اڱاري جي صبح لاهور پهچندي.

ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته ٽرافي کي 2 ڏينهن جي دوري ۾ تعليمي ادارن، تاريخي ماڳن ۽ شاپنگ مالز ڏانهن پهچايو ويندو.

واضح رهي ته آءِ سي سي ورلڊ ڪپ ٽرافي جو دورو معطل ٿيڻ سبب آگسٽ ۾ پاڪستان نه آيو هو.

Read Previous

نوبل ايوارڊ تقريب ۾ روس، ايران ۽ بيلاروس کي دعوت نه ڏيڻ جو فيصلو

Read Next

پاڪستان-ڀارت ڇڪتاڻ تي عرفان پٺاڻ جو تبصرو کيس تمام گهڻو مهانگو پئجي ويو

Most Popular