نوبل ايوارڊ تقريب ۾ روس، ايران ۽ بيلاروس کي دعوت نه ڏيڻ جو فيصلو

نوبل فائونڊيشن روس، ايران ۽ بيلاروس کي نوبل ايوارڊز جي تقريب ۾ شرڪت نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

نوبل فائونڊيشن جو چوڻ آهي ته ايوارڊ تقريب ۾ روس، بيلاروس ۽ ايران جي سفيرن کي دعوت نه ڏني ويندي.

سويڊن جي احتجاج کانپوءِ ٽنهي ملڪن کي دعوت ڏيڻ جو فيصلو واپس ورتو ويو، نوبل فائونڊيشن ڪالهه ٽنهي ملڪن کي دعوت ڏيڻ جو اعلان ڪيو.

پرڏيهي خابرو اداري موجب سويڊن جي سياسي پارٽين نوبل فائونڊيشن جي فيصلي تي تقريب جو بائيڪاٽ ڪرڻ جو مطالبو ڪيو هو.

گذريل سال به يوڪرين تي حملي سبب روس ۽ بيلاروس کي تقريب ۾ شرڪت جي دعوت نه ڏني وئي هئي.

نوبل ايوارڊ 2023 جي تقريب 10 ڊسمبر تي ٿيندي، مختلف شعبن ۾ نوبل انعام حاصل ڪندڙ شخصيتن جي نالن جو اعلان آڪٽوبر ۾ ڪيو ويندو.

Read Previous

آمريڪا: لاس ويگاس ۾ تيز برساتن سبب ٻوڏ واري صورتحال، رهائشي علائقا پاڻي هيٺ

Read Next

ورلڊ ڪپ جي ٽرافي 5 سيپٽمبر تي پاڪستان پهچندي

Most Popular