اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف 15 آڪٽوبر تي ملڪ واپسي جو فيصلو ڪري ورتو

اڳوڻو وزيراعظم ميان نوازشريف 15 آڪٽوبر تي لنڊن کان ملڪ واپسي جي لاءِ روانو ٿيندو.

مسلم ليگ(ن) جي ذريعن موجب مسلم ليگ(ن) جو اڳواڻ ۽ اڳوڻو وزيراعظم نوازشريف 15 آڪٽوبر تي چارٽرڊ جي بجاءِ مسافر جهاز ذريعي لنڊن کان پاڪستان جي لاءِ روانو ٿيندو جنهن کان پوءِ هو لاهور پهچندو. سندس ڌيءَ ۽ پارٽي جي چيف آرگنائيزر مريم نواز سندس استقبال جي لاءِ تيارين ۾ مصروف آهي.

پارٽي ذريعن ٻڌايو آهي ته نوازشريف اسلام آباد جي بجاءِ لاهور اچڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ ان جي ملڪ واپسي عام اڏام ذريعي ٿيندي.

پارٽي ذريعن موجب نوازشريف مرڪزي قيادت کي استقبال جي لاءِ ذميواريون ڏئي ڇڏيون آهن. مريم نواز استقبال جي معاملن جي نگراني ڪري رهي آهي جڏهن ته تنظيمي عهديدارن کي استقباليه جلسي ۾ وڌ کان وڌ ماڻهو آڻڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

Read Previous

آغا سراج دراني جي اثاثا ڪيس ۾ ضمانت منظور

Read Next

پرويز الاهي جي طبيعت اوچتو خراب، اٽڪ جيل کان اسپتال روانو

Most Popular