پرويز الاهي جي طبيعت اوچتو خراب، اٽڪ جيل کان اسپتال روانو

پرويز الاهي جي طبيعت اوچتو خراب ٿي وئي آهي جنهن سبب کيس فوري طور تي اٽڪ جيل کان اسپتال روانو ڪيو ويو آهي.

جيل ذريعن موجب پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي صدر چوڌري پرويز الاهي جي اوچتو طبيعت خراب ٿي وئي جنهن تي کيس ڊسٽرڪٽ جيل اٽڪ کان اسپتال جي لاءِ روانو ڪيو ويو آهي.

پرويز الاهي کي چيڪ اپ لاءِ پمز اسپتال منتقل ڪيو ويندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته پوليس جو قافلو پرويز الاهي کي ڊسٽرڪٽ جيل مان کڻي اسلام آباد جي لاءِ روانو ٿي ويو آهي.

ياد رهي ته 3 ڏينهن اڳ چوڌري پرويز الاهي کي اسلام آباد پوليس ٿري ايم پي او جي تحت گرفتار ڪري اٽڪ جيل منتقل ڪيو هو.

Read Previous

اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف 15 آڪٽوبر تي ملڪ واپسي جو فيصلو ڪري ورتو

Read Next

فرانس ۾ تعليمي ادارن ۾ عبايا تي پابندي اڄ کان لاڳو

Most Popular