پ پ حڪومت ۾ اهم عهدا ماڻيندڙ ڪامورن جا ڏکيا ڏينهن: پوسٽنگ نه ڏيڻ جي سفارش

سنڌ جي نگران حڪومت پاڪستان پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت ۾ اهم عهدن تي رهندڙ 15 ڪامورن کي پوسٽنگ نه ڏيڻ بابت اليڪشن ڪميشن کي سفارش ڪري ڇڏي

نگران حڪومت جي سفارش موجب ليبر کاتي جي سيڪريٽري لائق احمد، پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ جي بچل راهپوٽو، جھنگلي جيوت کاتي جي بدر جميل مينڌرو کي عهدن تان هٽائي رپورٽ ڪرايو وڃي

سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي ڊائريڪٽر جنرل ياسين شر، ڪچي آبادي جي ڊي جي محمد نديم، ايم ڊي ٿرڪول خادم چنا، ڊي جي ڪراچي ڊولپمينٽ اٿارٽي پرويز بلوچ کان به عهدا واپس وٺڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي

نگران حڪومت اليڪشن ڪميشن کي سفارش ڪئي آهي ته ميمبر لينڊ يوٽيلائيزيشن شريف شيخ، سيڙپڪاري کاتي جي سيڪريٽري تميز الدين کيڙو، سيڪريٽري صحت سهيل قريشي، خوراڪ کاتي جي سيڪريٽري خرم شهزاد کان اهم عهدا واپس ورتا وڃن

توانائي کاتي جي سيڪريٽري ابوبڪر احمد، ڪاليج ايجوڪيشن کاتي جي سيڪريٽري احمد بخش ناريجو، اسڪول ايجوڪيشن کاتي جي سيڪريٽري اڪبر لغاري ۽ پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ کاتي جي چيئرمين حسن نقوي کي عهدن تان هٽائي رپورٽ ڪرائڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي

Read Previous

سنڌ پوليس ۾ وڏي پئماني تي اُٿل پٿل: 8 ڊي آءِ جيز، 31 ايس ايس پيز تبديل

Read Next

ڪرينا کي فلم “ڪهو نا پيار هي” مان نيڪالي ملي هئي: اميشا

Most Popular