ڪرينا کي فلم “ڪهو نا پيار هي” مان نيڪالي ملي هئي: اميشا

ممبئي: بلاڪ بسٽر فلم ”غدر 2“ جي اداڪارا اميشا پٽيل انڪشاف ڪيو آهي ته بالي ووڊ اسٽار ڪرينا ڪپور کي فلم ”ڪهو نا پيار هي“ مان ڪڍيو ويو هو.ائين سمجهيو ويندو آهي ته فلم ۾ هيروئن جي ڪردار لاءِ سڀ کان پهريان ڪرينا ڪپور کي آڇ ٿي هئي پر هن انڪار ڪري ڇڏيو هو.

هڪ تازي انٽرويو ۾ اميشا پٽيل انڪشاف ڪيو آهي ته ڪرينا ڪپور فلم کان انڪار نه ڪيو هو پر راڪيش روشن کيس فلم مان ڪڍي ڇڏيو هو ڇو جو هنن وچ ۾ هم آهنگي نه هئي

اداڪارا ٻڌايو ته فلمساز راڪيش روشن کيس هڪ شادي ۾ ڏٺو هو جتي هن فلم جي ڪردار لاءِ کيس آڇ ڪئي هئي.سني ديول ۽ اميشا پٽيل جي فلم ”غدر 2“ انڊين باڪس آفيس تي ڪامياب ٿيندي پئي وڃي ان جو بزنس 500 ڪروڙ تائين پهچي چڪو آهي.

Read Previous

پ پ حڪومت ۾ اهم عهدا ماڻيندڙ ڪامورن جا ڏکيا ڏينهن: پوسٽنگ نه ڏيڻ جي سفارش

Read Next

بشريٰ بي بي جي ڪيسن جو رڪارڊ ڏيڻ واري درخواست تي ڌرين کان جواب طلب

Most Popular