ميانمار جي فوجي حڪومت پاران 2025ع ۾ چونڊون ڪرائڻ جو امڪان

ميانمار جي فوجي حڪومت ملڪ ۾ 2025ع ۾ چونڊون ڪرائڻ جو امڪان آهي.

پرڏيهي ميڊيا موجب سياسي پارٽي جي عهديدار جو چوڻ آهي ته 36 پارٽين کي چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي اجازت ڏني وئي آهي.

سياسي پارٽي جي عهديدار موجب ايندڙ سال آدمشماري جي عمل سبب 2024ع ۾ چونڊون ممڪن ناهن، چونڊون 2025ع جي شروعات ۾ ٿينديون.

پرڏيهي ميڊيا موجب ملڪ ۾ 7 ۽ علائقائي سطح تي 29 پارٽين کي چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي منظوري ڏني وئي آهي.

واضح رهي ته ميانمار ۾ فوج فيبروري 2021ع دوران اقتدار تي قبضو ڪيو هو، جنهن سان ملڪ ۾ ڏهن سالن کان هلندڙ جمهوري راڄ ختم ٿي ويو هو.

Read Previous

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پرويز الاهي جي نظربندي معطل ڪري ڇڏي، آزاد ڪرڻ جو حڪم

Read Next

چندريان 3 جي لانچ وقت ڪائونٽ ڊائون ڪندڙ سائنسدان فوت

Most Popular