چندريان 3 جي لانچ وقت ڪائونٽ ڊائون ڪندڙ سائنسدان فوت

انڊين اسپيس ريسرچ آرگنائيزيشن (اسرو) جي سائنسدان والارمتي دل جو دورو پوڻ سبب فوت ٿي وئي.

ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب والارامتي تاريخ ساز ڀارتي خلائي مشن چندرايان 3 جو حصو هو، جيڪو تازو ئي چنڊ تي پهتو هو، ان کي آخري ڀيرو چندريان 3 جي لانچ جي ڳڻپ ڪندي ٻڌو ويو هو.

ياد رهي ته چندرين 3 کي 14 جولاءِ تي سري هاريڪوٽا ۾ ستيش ڌون اسپيس سينٽر تان لانچ ڪيو ويو هو، راڪيٽ فائر ڪرڻ کان اڳ جيڪا ڳڻپ ٿئي ٿي، ان جو اعلان مرحوم سائنسدان ڪيو هو.

ميڊيا رپورٽن موجب، ISRO جي پي آر او چيو ته والارامتي ستيش ڌون خلائي مرڪز ۾ رينج آپريشن پروگرام آفيس جو حصو هو، هوءَ ري سيٽ-1 جي هندستان جي پهرين رادار اميجنگ سيٽلائيٽ پروجيڪٽ ڊائريڪٽر پڻ هئي.

هن 1984ع ۾ ISRO ۾ شموليت اختيار ڪئي .مرحوم سائنسدان آريالور ،تامل ناڊو جي رهاڪو هئي ، هو ءَ31 جولاءِ 1959ع تي پيدا ٿي، هن گورنمينٽ ڪاليج آف ٽيڪنالاجي ڪوئمبٽور مان انجنيئرنگ ۾ گريجوئيشن ڪئي .

Read Previous

ميانمار جي فوجي حڪومت پاران 2025ع ۾ چونڊون ڪرائڻ جو امڪان

Read Next

ڀارت جو نالو بدلائي ’ڀارت‘ رکڻ جي تياري

Most Popular