عمران خان جي سزا معطل ٿيڻ باوجود جيل ۾ رکڻ واري فيصلي جو رڪارڊ طلب

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ چيئرمين کي اٽڪ جيل منتقل ڪرڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ۾ سزا معطل ٿيڻ باجود عمران خان کي جيل ۾ رکڻ واري فيصلي جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو.

چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جسٽس عامر فاروق پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کي جيل ۾ سهولتن بابت درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. جنهن ۾ اٽڪ جيل طرفان اسسٽنٽ سپرنٽينڊنٽ حسرت عدالت ۾ پيش ٿيو. عدالت حڪم ڏنو ته پي ٽي آءِ چيئرمين جي سزا معطل ٿيڻ کان پوءِ اتڪ جيل ۾ رکڻ جو ڪو نوٽيفڪيشن جاري ٿيو آهي ته آگاهه ڪيو وڃي.

پي ٽي آءِ چيئرمين جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته چيو پيو وڃي ته جڳهه نه هجڻ سبب اٽڪ جيل منتقل ڪيو ويو. صرف ۽ صرف وڌيڪ تڪليف ڏيڻ جي لاءِ عمران خان کي اٽڪ جيل منتقل ڪيو ويو. بشريٰ بي بي جيل ۾ ملڻ وئي ته ان تي به ڪيس ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. الزام لڳايو ويو ته بشريٰ بي بي جيل اهلڪار کي 20 هزار روپيه رشوت ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي.

ٻڌڻي دوران پراسيڪيوٽر عدالت کي ٻڌايو ته اسان جي فاضل دوست جيڪي ڳالهيون ڪيون آهن اهي صحيح نه آهن جيل ۾ هاڻ بي ڪلاس ختم ڪئي وئي آهي صرف آرڊنري ۽ بهتر ڪلاس موجود آهي. پي ٽي آءِ چيئرمين کي بهتر ڪلاس ڏني وئي آهي. باٿ روم جون ڀتيون مٿي ڪري ڪموڊ لڳايو ويو آهي. 21 انچ جو ٽي وي به لڳايو ويو آهي. 5 اخبارون به جيل ۾ عمران خان کي ڏنيون پيون وڃن. جيڪي سهولتون هي اڊيالا جيل ۾ وٺڻ چاهين ٿا اهي اسان اٽڪ جيل ۾ به ڏئي رهيا آهيون.

چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته اوهان ته اهي سموريون ڳالهيون ٻڌايون پر درخواستگذار جو بنيادي اعتراض ڪجهه ٻيو آهي. ٽرائل ڪورٽ اڊيالا جيل ۾ رکڻ جو چيو ته اٽڪ جيل منتقل ڇو ڪيو ويو؟ ڇا اڊيالا جيل سپرنٽينڊنٽ پي ٽي آءِ چيئرمين کي اٽڪ جيل ۾ رکڻ جي درخواست ڪئي.

اسسٽنٽ ايڊووڪيٽ جنرل عدالت کي ٻڌايو ته آءِ جي وٽ ڪنهن به قيدي کي هڪ کان ٻئي جيل ۾ منتقل ڪرڻ جو اختيار آهي. جنهن تي چيف جسٽس چيو ته اسلام آباد جي پنهنجي ڪابه جيل نه آهي ته قيدين کي اڊيالا جيل ۾ رکيو ويندو آهي. وڪيل شير افضل چيو ته جڏهن اها درخواست داخل ڪئي وئي تڏهن پي ٽي آءِ چيئرمين کي سزا ملي هئي. عمران خان جي سزا هاڻ معطل ٿي چڪي آهي ۽ ضمانت به ملي چڪي آهي. پي ٽي آءِ چيئرمين جو گرفتاري دوران اسٽيٽس هاڻ تبديل ٿي چڪو آهي.

چيف جسٽس عامر فاروق چيو ته اها ڳالهه صحيح آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين هن وقت سزا نه پيو ڪاٽي. هو هڪ ٻئي انڊر ٽرائل ڪيس ۾ حراست ۾ آهي. اسلام آباد جي انڊر ٽرائل قيدين کي اڊيالا جيل ۾ ئي رکيو ويندو آهي. جيڪڏهن اٽڪ کان ڪوٽ لکهپت جيل اماڻيو وڃي ته ڇا هر پيشي تي آڻي سگهجي ٿو؟ ڪوٽ لکهپت کان ته 5-6 ڪلاڪن جو سفر آهي. اٽڪ جيل کان اسلام آباد جو سفير ڪيترو آهي.

اسسٽنٽ ايڊووڪيٽ جنرل ٻڌايو ته اٽڪ کان اسلام آباد جو ڏيڍ ڪلاڪ جو سفر آهي. جنهن تي چيف جسٽس چيو ته جنهن گاڏي ۾ هي آڻيندا آهن ان ۾ 10 کان 15 منٽ ئي لڳندا هوندا. ڇا سزا معطل ٿيڻ کان پوءِ پي ٽي آءِ چيئرمين کي اٽڪ جيل ۾ رکڻ جو ڪو فيصلو ٿيو؟ جنهن تي اسسٽنٽ ايدووڪيٽ جنرل جواب ڏنو ته مان ان حوالي سان هدايتون وٺڻ کان پوءِ آگاهه ڪري سگهان ٿو.

چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته هن وقت به اسان جا سمورا انڊر ٽرائل قيدي اڊيالا جيل مان ئي آندا ويندا آهن. مان هن درخواست تي آرڊر جاري ڪندس. سائفر ڪيس ۾ ته هو انڊر ٽرائل جوابدار آهي. ڇا ٽرائل دوران به جيل تبديل ٿي سگهي ٿي. ٽرائل ته اسلام آباد ۾ ئي ٿيندو آهي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ وڪيل شير افضل مروت کي خميس تي پي ٽي آءِ چيئرمين سان ملاقات ڪرائڻ جي هدايت ڪندي عمران خان کي جيل ۾ سهولتون ۽ جيل منتقلي جي درخواست تي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي. عدالت حڪم ڏنو ته پي ٽي آءِ چيئرمين جي سزا معطل ٿيڻ کان پوءِ اٽڪ جيل ۾ رکڻ جو ڪوبه نوٽيفڪيشن جاري ٿيو آهي ته آگاهه ڪريو. جنهن کان پوءِ ٻڌڻي 11 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪئي وئي.

Read Previous

محسن نقوي سان آمريڪي سفير جي ملاقات، ٻطرفن لاڳاپن تي ڳالهيون

Read Next

يوم دفاع: فوجي قيادت ۽ سياسي اڳواڻن جو شهيدن ۽ جنگي هيروز کي خراج عقيدت پيش

Most Popular