يوم دفاع: فوجي قيادت ۽ سياسي اڳواڻن جو شهيدن ۽ جنگي هيروز کي خراج عقيدت پيش

سڄي ملڪ ۾ اڄ يوم دفاع جوش جذبي سان ملهايو پيو وڃي. يوم دفاع تي جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جي چيئرمين، سروسز چيفس، ملڪ جي هٿياربند فوج، صدر پاڪستان، نگران وزيراعظم ۽ سياسي اڳواڻن طرفان شهيدن ۽ سندس وارثن کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪيو پيو وڃي.

يوم دفاع جي موقعي تي پنهنجي هڪ بيان ۾ آرمي چيف سيد عاصم منير چيو ته يوم دفاع جا شهيد اسان جي قومي ۽ عسڪري تاريخ جو اهم سنگ ميل آهن اهو ڏينهن اسان کي پنهنجي هٿياربند فوج جي لازوال قربانين جي ياد ڏياريندو آهي.

پاڪ بحريه جي سربراهه ايڊمرل محمد امجد خان نيازي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته 6 سيپٽمبر تي اسان جي بهادر ۽ هٿياربند فوج عوام جي تعاون سان دشمن جي ناپاڪ ارادن کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو. پاڪستان نيوي آپريشن سومناٿ ذريعي دشمن جو ريڊار اسٽيشن تباهه ڪيو. آپريشن سومناٿ دشمن جي بحري چرپر ۽ حرڪت کي ڏسڻ جي صلاحيت کي ختم ڪري ان کي مفلوج ڪري ڇڏيو هو.

نيول چيف چيو ته پاڪستان نيوي جي آبدوز غازي سمنڊ ۾ ڍال جي طور تي حرڪت ۾ رهي. اسان پنهنجن مجاهدن کي سندن جرئتمند ڪاررواين ۽ قربانين تي خصوصي خراج تحسين پش ڪريون ٿا.

پاڪ فضائيه جي سربراهه ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر پنهنجي پيغام ۾ چيو ته يوم دفاع اسان جي تاريخ ۾ خصوصي اهميت جوڳو آهي اهو ڏينهن دشمن جي جارحيت جي خلاف اسان جي قوم جي عزم کي ياد ڏياريندو آهي. هن تاريخي ڏينهن تي هڪ امن پسند ملڪ جي سالميت تي وار ڪيو ويو. دشمن اسان جي ارادن ۽ بهادري کان بي خبر هو.

صدر عارف علوي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته ملڪ جي دفاع لاءِ جانيون قربان ڪندڙ شهيدن کي سلام پيش ڪريون ٿا. ملڪ جي بهادر پٽن دشمن جي خلاف بي خوفي سان وڙهندي تاريخ جو روشن باب لکيو.

نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ يوم دفاع تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته اڄ پاڪستان کي انتهاپسندي، دهشتگردي ۽ بيروني جارحيت جهڙي سيڪيورٽي کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. هن چيو ته ملڪي سالميت ۽ ترقي جي خلاف ناپاڪ ارادا ناڪام بنائڻ لاءِ قوم پنهنجي بهادر فوج سان گڏ بيٺل آهي.

اڳوڻي صدر آصف علي زرداري يوم دفاع جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته شهيد بينظير ڀٽو ملڪ کي ميزائل ٽيڪنالاجي ڏئي ملڪ جي دفاع کي وڌيڪ مضبوط ڪيو. اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين 6 سيپٽمبر جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته شهيد ذُالفقار علي ڀٽو ايٽمي پروگرام ڏئي ملڪ جي دفاع کي يقيني بنايو. شهيد بينظير ڀٽو ملڪ کي ميزائيل ٽيڪنالاجي ڏئي ملڪ جي دفاع کي وڌيڪ مضبوط ڪيو. اڄ ڪوبه دشمن ملڪ اسان جي ملڪ تي حملو ڪرڻ جو سوچي به نٿو سگهي.

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري يوم دفاع تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته 6 سيپٽمبر جو ڏينهن اسان جي قومي جرئت ۽ بهادري جو نشان آهي. پاڪستاني قوم پنهنجي ملڪ جو دفاع ڪرڻ لاءِ هر وقت تيار آهي. هٿياربند فوج کي بهادري ۽ قربانين تي سلام پيش ڪريان ٿو.

Read Previous

عمران خان جي سزا معطل ٿيڻ باوجود جيل ۾ رکڻ واري فيصلي جو رڪارڊ طلب

Read Next

عوام ۽ فوج وچ ۾ قائم رشتي تي وار ڪرڻ جي ڪوشش کي صبر سان ناڪام بنايو ويو: آرمي چيف

Most Popular