حضرت امام حسين عليه سلام ۽ سندس جانثارن جو چاليهو، ماتمي جلوس برآمد

ڪراچي : ڪربلا جي رڻ ۾ اسلام جي سربلندي لاءِ عظيم قربانيون ڏيندڙ حضرت امام حسين عليه سلام ۽ سندس جانثارن جي چاليهي تي اڄ سنڌ سميت سموري ملڪ مان ماتمي جلوس برآمد ٿيڻ جو سلسلو جاري آهي.

ڪراچي ۾ مرڪزي ماتمي جلوس نشترپارڪ مان برآمد ٿيندو، ايم اي جناح روڊ سميت ماتمي جلوس جي گذرگاهه وارن علائقن ۾ موبائيل فون سروس بند پيل آهي.

حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو، ميرپورخاص ۽ شهيد بينظير آباد جي ننڍن وڏن شهرن مان ماتمي جلوس برآمد، هر پاسي يا حسين جون صدائون، ڀٽ شاهه، ڳڙهي خيرو، ميهڙ، محرابپور، ڪشمور ۽ نيو سعيد آباد مان به ماتمي جلوس برآمد ٿيا آهن.

دوڙ، سيٺارجا ۽ دوداپور ۾ به عزاداري جو سلسلو جاري آهي.

Read Previous

گلشن حديد وڊيواسڪينڊل ۾ اهم اڳڀرائي، پرنسپل جو فون فورنزڪ لاءِ موڪليو ويو

Read Next

آءِ ايم ايف 200 يونٽ وارن بجلي صارفين لاءِ نرمي تي متفق، گئس جي قيمت ۾ واڌ جو مطالبو

Most Popular