آءِ ايم ايف 200 يونٽ وارن بجلي صارفين لاءِ نرمي تي متفق، گئس جي قيمت ۾ واڌ جو مطالبو

بجلي

آءِ ايم ايف 200 يونٽ وارن بجلي صارفين لاءِ نرمي تي متفق، گئس جي قيمت ۾ واڌ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) 400 يونٽ تائين بجلي استعمال ڪندڙن کي رليف ڏيڻ جي حڪومت پاڪستان جي تجويز وري رد ڪري ڇڏي آهي

ذريعن موجب صارفين کي بجلي جي بلن تي رليف ڏيڻ جي معاملي تي پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف جي عملدارن جي وچ ۾ رابطو ٿيو

ذريعن موجب آءِ ايم ايف 400 يونٽ تائين بجلي استعمال ڪندڙن کي رليف ڏيڻ جي تجويز رد ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته 200 يونٽ تائين بجلي استعمال ڪندڙ صارفين کان بلز قسطن ۾ وصول ڪرڻ تي اتفاق ڪيو

ذريعن موجب آءِ ايم ايف پاڪستان عملدارن تي بجلي ۽ گئس چورن خلاف ڪريڪ ڊائون ۽ رڪوري بهتر بڻائڻ تي زور ڏنو آهي

Read Previous

حضرت امام حسين عليه سلام ۽ سندس جانثارن جو چاليهو، ماتمي جلوس برآمد

Read Next

پرينيتي ۽ راگهو جي 7 ڦيرا پائڻ جو وقت اچي ويو، شادي جي تاريخ طئي

Most Popular