لنڊن: آفيشل سيڪريٽس ايڪٽ جي ڏوهن ۾ ملوث اڳوڻو فوجي اهلڪار جيل مان فرار

هڪ اڳوڻو سپاهي دهشتگردي ۽ آفيشل سيڪريٽس ايڪٽ جي ڏوهن جي الزام هيٺ لنڊن جي وينڊس ورٿ جيل مان فرار ٿي ويو آهي.

برطانوي ميڊيا موجب جوابدار آفيشل سيڪريٽس ايڪٽ جي ڀڃڪڙي جي الزام ۾ ٽرائل جي انتظار ۾ ڏکڻ لنڊن جي جيل ۾ رمانڊ تي هو.

رپورٽن مطابق اربع جي صبح جيل مان فرار ٿيل اڳوڻي فوجي جي سڄي ملڪ ۾ ڳولا شروع ڪئي وئي آهي.

پرڏيهي ميڊيا موجب جوابدار شيف جي يونيفارم پائي جيل مان فرار ٿي ويو، جنهن لاءِ ايئرپورٽن ۽ بندرگاهن تي اضافي سڪيورٽي مقرر ڪئي وئي آهي.

Read Previous

برطانوي شهر برمنگهم پاڻ کي ڏيوالي جو شڪار قرار ڏئي ڇڏيو

Read Next

افغانستان ۾ جنگي سامان اسان نه پر افغان فورسز ڇڏيا، آمريڪا

Most Popular