برطانوي شهر برمنگهم پاڻ کي ڏيوالي جو شڪار قرار ڏئي ڇڏيو

برطانيه جي ٻئي نمبر وڏي شهر برمنگھم پاڻ کي ڏيوالي جو شڪار قرار ڏئي ڇڏيو آهي.

پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب برمنگهم سٽي ڪائونسل سيڪشن 114 تحت غير ضروري خرچن کي ڪٽڻ جو نوٽيس جاري ڪيو ۽ ضروري خدمتن کانسواءِ ٻيا خرچ روڪيا ويا.

نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته برابر تنخواه (مرد ۽ عورتن جي برابر تنخواه) جي ادائيگي سبب موجود مالي وسيلن کان وڌيڪ خرچن جي ڪري خسارو آهي.

نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته ڪائونسل کي ادائيگين لاءِ مالي وسيلن جي کوٽ کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي ۽ بحران سبب نوان معاهدا ۽ غير ضروري خرچن کي فوري طور تي روڪيو وڃي.

ياد رهي ته ميڊيا رپورٽن موجب برمنگهم مرڪزي برطانيه جو سڀ کان وڏو شهر آهي، جنهن ۾ گهڻ ثقافتي آبادي آهي، جڏهن ته سٽي ڪائونسل 10 لک کان وڌيڪ ماڻهن کي سهولتون فراهم ڪري ٿي.

Read Previous

اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 307 ۽ انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ 305 رپين جو ٿي ويو

Read Next

لنڊن: آفيشل سيڪريٽس ايڪٽ جي ڏوهن ۾ ملوث اڳوڻو فوجي اهلڪار جيل مان فرار

Most Popular