عالمي بينڪ هلندڙ سال پاڪستان کي 2 ارب ڊالر ڏيڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو

عالمي بينڪ پاڪستان کي هلندڙ مالي سال 2 ارب ڊالر ڏيڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي.

ناڻي بابت نگران وفاقي وزير شمشاد اختر چيو آهي ته حڪومت معيشت کي مستحڪم ڪرڻ ۽ پائيدار بنائڻ جي لاءِ اصلاحات تي عمل ڪري رهي آهي. پاڪستان عالمي بينڪ سان گڏ پنهنجي ڊوالپمينٽ پارٽنر شپ کي تمام گهڻي اهميت ڏئي ٿو.

عالمي بينڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ناجي بن حسائن چيو ته هلندڙ مالي سال عالمي بينڪ کان پاڪستان کي 2 ارب ڊالر جي فنانسنگ فراهمي جي حدف کي ڏيڻ لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن. ملاقات دوران ناجي بن حسائن پاڪستان کي هلندڙ مالي سال 2 ارب ڊالر ڏيڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي. پر اهي تفصيل ناهن ڏنا ويا ته اها رقم ڪهڙي مد ۾ ڏني ويندي.

ناڻي واري وزارت جي پڌرائي موجب عالمي بينڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ناجي بن حسائن شمشاد اختر سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ عالمي بينڪ جي پاڪستان ۾ جاري منصوبن تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. ان دوران پاڪستان ۾ عالمي بينڪ جي جاري منصوبن تي گڏيل ڪارڪردگي تي ڳالهيون ڪيون ويون. ملڪ ۾ اقتصادي سرگرمين کي هٿي ڏيڻ ۾ مدد جي لاءِ مختلف ترجيحي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ لاءِ مختلف آپشنز تي به ڳالهيون ڪيون ويون.

ڪنٽري ڊائريڪٽر ناجي بنهيسن نگران ناڻي واري وزير کي عالمي بينڪ جي جاري پورٽ فوليو تي تفصيلي بريفنگ ڏني. هن چيو ته عالمي بينڪ انتظاميه ناڻي واري وزارت سان ملي نه صرف جاري پورٽ فوٽو جي ڪارڪردگي بهتر بنائڻ جي لاءِ ڪوشان آهي پر وڌ کان وڌي فان ريسروسز جي ڊسبرسمنٽ ڪئي پئي وڃي.

Read Previous

شيخوپوره ڀرسان زائرين جي بس حادثي جو شڪار، 6 ڄڻا فوت، 30 کان وڌيڪ زخمي

Read Next

پاڪستاني حدن ۾ ڪنهن ٻئي ملڪ جي تعميرات قبول نه ڪنداسين: پرڏيهي وزارت

Most Popular