پاڪستاني حدن ۾ ڪنهن ٻئي ملڪ جي تعميرات قبول نه ڪنداسين: پرڏيهي وزارت

پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو آهي ته پاڪستان پنهنجي زمين جي اندر ڪنهن به ٻئي ملڪ جي تعميرات کي قبول نٿو ڪري سگهي. طورخم بارڊر جي صورتحال تي افغان پرڏيهي وزارت جو بيان حيران ڪندڙ آهي.

پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو هو ته افغان حڪومت بارڊر جي بندش جي سببن کان چڱي ريت واقف آهي. پاڪستان پنهنجي زمين جي اندر ڪنهن به ٻئي عمارت جي تعمير کي قبول نٿي ڪري سگهي. پاڪستاني حدن جي اندر افغانستان جي تعميرات پاڪستان جي خودمتاري جي ڀڃڪڙي آهي.

هن چيو ته 6 سيپٽمبر تي افغان فوجين پرامن حل جي بجاءِ پاڪستاني چوڪين تي فائرنگ ڪئي، افغان فوجين طورخم بارڊر جي ٽرمينل کي نقصان پهچايو. افغان فورسز جي فائرنگ پاڪستاني ۽ افغان شهرين جي حياتين کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو. جڏهن کين تعمير کان روڪيو ويو ته انهن فائرنگ شروع ڪري ڏني.

ممتاز زهرا بلوچ چيو ته اهڙي قسم جون ڀڃڪڙيون ۽ فائرنگ قبول نه ڪنداسين. گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي تجزياتي ٽيم به پنهنجي رپورٽ ۾ اهڙي ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي. هن چيو ته اسان هميشه چيو آهي ته اسان جي خواهش آهي ته افغانستان سان گڏ سرحد ٻنهي ملڪن وچ ۾ امن ۽ دوستي جي سرحد هجي. اسان ڪيترن ڏهاڪن کان پنهنجي افغان ڀائرن ۽ ڀينرن جي کلي دل سان ميزباني ڪئي آهي. افغان سرحد تي مقرر افغان فوجين طرفان مسلسل چڙ ڏيارڻ باوجود صبر جو مظاهرو ڪيو آهي ۽ ڳالهين کي اوليت ڏني آهي.

ممتاز زهرا وڌيڪ چيو ته پاڪستان سمورن ٻطرفن مسئلن ۽ خدشن کي ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ لاءِ تيار آهي ته جيئن ٻئي ملڪ اقتصادي رابطن ۽ ان جي نتيجي ۾ ٿيندڙ خوشحالي جو فائدو کڻي سگهن. اسان اميد ڪريون ٿا ته افغان عبوري اختياريون پاڪستان جي خدشن کي ذهن ۾ رکندي پاڪستان جي علاقائي سالميت جو احترام ڪنديون ۽ ان ڳالهه کي يقيني بنائينديون ته افغان زمين پاڪستان جي خلاف دهشتگرد حملن لاءِ استعمال نه ٿين.

Read Previous

عالمي بينڪ هلندڙ سال پاڪستان کي 2 ارب ڊالر ڏيڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو

Read Next

بشريٰ بي بي آڊيو ليڪ خلاف اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي

Most Popular