بشريٰ بي بي آڊيو ليڪ خلاف اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي

پي ٽي آءِ چيئرمين جي گهر واري بشريٰ بي بي ۽ اڳوڻي خاص مددگار زلفي بخاري جي آڊيو ليڪ خلاف اڳوڻي خاتون اول اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي.

بشريٰ بي بي پوليس ۽ ايف آءِ اي خلاف اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي. سردار لطيف کوسي جي حوالي سان داخل ڪيل درخواست ۾ پيمرا کي به ڌر بڻايو ويو آهي.

بشريٰ بي بي جي درخواست سان ميان نجم الثاقب ڪيس ۾ جسٽس بابر ستار جي حڪمنامي جو به حوالو ڏنو ويو آهي.

درخواست ۾ چيو ويو آهي ته گهر جي ٽيليفون جي رڪارڊنگ کي غيرقانوني ۽ اختيارن کان مٿانهون قرار ڏنو وڃي ۽ اهو به قرار ڏنو وڃي ته اهڙي طرح جي رڪارڊنگ جي ڪابه قانوني حيثيت نه آهي. هن درخواست جي حتمي فيصلي تائين ڌرين کي بشريٰ بي بي خلاف ڪنهن به قسم جي قدم کڻڻ کان روڪيو وڃي. هٿ ٺوڪئي ۽ بي بنياد آڊيو جي بنياد تي پوليس ۽ ايف آءِ اي جي طرفان حراسان ڪيو پيو وڃي.

درخواستگذار جو چوڻ آهي ته بي بنياد آڊيو کي مختلف چينلز تي نشر ڪري بشريٰ بي بي سان جوڙيو ويو. مبينه آڊيوز کي چينلز تي بشريٰ بي بي سان جوڙي نشر ڪرڻ سان بنيادي حق متاثر ٿيا آهن. بشريٰ بي بي مذهبي ۽ پرديدار عورت آهي ان جو سياست سان ڪنهن به قسم جو تعلق نه آهي.

Read Previous

پاڪستاني حدن ۾ ڪنهن ٻئي ملڪ جي تعميرات قبول نه ڪنداسين: پرڏيهي وزارت

Read Next

آئيني مسئلن ۾ منجهائي سپريم ڪورٽ جو امتحان ورتو ويو: چيف جسٽس

Most Popular