ايشيا ڪپ: پاڪ ڀارت ميچ اڄ به برسات سبب متاثر ٿيڻ جو امڪان

ڪولمبو ۾ ڪرڪيٽ جي لاءِ حالتون سازگار نه آهن. پاڪستان ۽ ڀارت جو ميچ اڄ به برسات سبب متاثر ٿيڻ جو امڪان آهي.

ڪولمبو ۾ رات کان هلڪي برسات جو سلسلو جاري آهي، آسمان تي ڪارا ڪڪر ڇانيل آهن، جڏهن ته تيز هوائون به لڳي رهيون آهن.

اڄ سڄو ڏينهن وقفي وقفي سان برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. جڏهن ته ٻنپهرن جو تيز برسات جا امڪان ظاهر ڪيا ويا آهن.

ياد رهي ته ڪولمبو ۾ جاري هن ميچ ۾ پاڪستان ٽاس کٽي ڀارت کي پهريان بيٽنگ جي دعوت ڏني هئي. گذريل ڏينهن برسات سبب صرف 24.1 اوورن جي راند ممڪن ٿي سگهي هئي جنهن ۾ ڀارت 2 وڪيٽن جي نقصان تي 147 رنسون ٺاهيون هيون.

ايشيا ڪپ جي سپر فور مرحلي ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جي اهم ميچ کي لاڳيتو پوندڙ برسات ۽ گرائونڊ فيلڊ خراب هجڻ سبب معطل ڪري ريزرو ڏينهن تي منتقل ڪيو ويو هو. اڄ به راند اتان کان شروع ٿيندي جتان کان ڪالهه ختم ٿي هئي.

Read Previous

پاڪ افغان ڳالهيون ناڪام: طورخم بارڊر ڇهين ڏينهن به بند

Read Next

بلديه فيڪٽري سانحو: رحمان بهولا ۽ زبير چريا جون ڦاهي جي سزا خلاف اپيلون رد، رئوف صديقي بري

Most Popular