بلديه فيڪٽري سانحو: رحمان بهولا ۽ زبير چريا جون ڦاهي جي سزا خلاف اپيلون رد، رئوف صديقي بري

سنڌ هاءِ ڪورٽ بلديه فيڪٽري سانحي ڪيس ۾ جوابدار رحمان بهولا ۽ زبير چريا جون ڦاهي جي سزا خلاف اپيلون رد ڪري ڇڏيون. جڏهن ته اڳوڻي صوبائي وزير ۽ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ رئوف صديقي کي بري ڪري ڇڏيو.

سنڌ هاءِ ڪورٽ بلديه فيڪٽري سانحي ۾ داخل اپيلن تي فيصلو ٻڌائي ڇڏيو. عدالت جوابدار رحمان بهولا ۽ زبير چريا جون ڦاهي جي سزا خلاف داخل ڪيل اپيلون رد ڪري ڇڏيون. جڏهن ته رئوف صديقي سميت 4 جوابدارن جي بريت جي خلاف سرڪار جي اپيل به رد ڪري ڇڏي. عدالت رئوف صديقي کان علاوه عبدالستار، اقبال اديب خانم ۽ عمر حسن جي بريت خلاف سرڪار جون اپيلون رد ڪري ڇڏيون.

ان کان علاوه سنڌ هاءِ ڪورٽ عمرقيد جي سزا وارن 4 جوابدارن جون اپيلون منظور ڪري ورتيون. عدالت شاهه رخ، فضل، ارشد محمود ۽ علي محمد جي سزا ڪالعدم قرار ڏيندي جوابدارن جي عمر قيد خلاف اپيلون منظور ڪيون.

ياد رهي ته 11 سيپٽمبر 2021 تي بلديه ٽائون فيڪٽري ۾ باهه لڳڻ سبب 259 ڄڻا فوت ٿي ويا هئا جنهن ۾ عدالت فيڪٽري مالڪ ۽ مئنيجر کي ڦاهي جي سزا جو حڪم ٻڌايو هو. جڏهن ته ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ رئوف صديقي سميت ٻين کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي هئي.

Read Previous

ايشيا ڪپ: پاڪ ڀارت ميچ اڄ به برسات سبب متاثر ٿيڻ جو امڪان

Read Next

پشاور: سيڪيورٽي فورسز جي گاڏي ويجهو ڌماڪو: 8 ڄڻا زخمي

Most Popular