مراکش ۾ زلزلو، ملبي هيٺان دٻيل ماڻهن جي ڳولا لاءِ ايندڙ 2-3 ڏينهن اهم هوندا، ريڊ ڪراس

مراکش ۾ 6.8 جي شدت واري زلزلي جابلو علائقن ۾ وڌيڪ تباهي مچائي ڇڏي آهي، فوتين جو انگ 2000 کان وڌي ويو آهي.

پرڏيهي خابرو اداري موجب مرڪزي مراکش ۾ زلزلي سبب فوتين جو انگ 2 هزار 122 جڏهن ته زخمين جو انگ 2 هزار 421 ٿي ويو آهي.

خابرو اداري موجب ريڊ ڪراس جو چوڻ آهي ته زلزلي کانپوءِ امدادي ڪارروايون جاري آهن، فوتين ۾ اضافي جو خدشو آهي. ملبي هيٺان دٻيل ماڻهن جي ڳولا لاءِ ايندڙ ٻه ٽي ڏينهن انتهائي اهم هوندا.

واضح رهي ته مراکش ۾ جمعي جي رات دير سان 6.8 شدت جو زلزلو آيو هو.

Read Previous

اتر ڪوريا جي اڳواڻ ڪم جونگ اُن جي روسي دوري جو امڪان

Read Next

پاڪستاني ٽيم پهريون ڀيرو يورپي لانگ رينج چيمپيئن شپ ۾ شرڪت

Most Popular