پاڪستاني ٽيم پهريون ڀيرو يورپي لانگ رينج چيمپيئن شپ ۾ شرڪت

انٽر سروسز پبلڪ رليشنز (آءِ ايس پي آر) چيو آهي ته پاڪستاني ٽيم پهريون ڀيرو يورپي لانگ رينج چيمپيئن شپ ۾ شرڪت ڪئي.

آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته يورپين لانگ رينج چيمپيئن شپ برطانيا ۾ منعقد ڪئي وئي، جيڪا ورلڊ چيمپيئن شپ کانپوءِ ٻيو وڏو ايونٽ آهي.

پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته پاڪستاني ٽيم 12 ملڪن جي 80 کان وڌيڪ انٽرنيشنل شوٽرز سان گڏ انفرادي ميچن جو حصو هئي، پاڪستاني ٽيم 12 ٽيمن سان گڏ ٽيم ميچن ۾ به حصو ورتو.

آءِ ايس پي آر چيو ته اهو پهريون ڀيرو آهي ته پاڪستان ڪنهن انٽرنيشنل لانگ رينج ايونٽ ۾ ميڊل کٽيو آهي.

Read Previous

مراکش ۾ زلزلو، ملبي هيٺان دٻيل ماڻهن جي ڳولا لاءِ ايندڙ 2-3 ڏينهن اهم هوندا، ريڊ ڪراس

Read Next

ايشيا ڪپ: فاسٽ بالر حارث رئوف انفٽ ٿي ويو

Most Popular