ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ لاءِ نيوزيلينڊ اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو، ڪين وليمسن جي واپسي

نيوزيلينڊ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) ورلڊ ڪپ لاءِ اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، ڪين وليمسن واپس اچي ويو آهي.

نيوزيلينڊ جي 15 رڪني اسڪواڊ جي قيادت ڪين وليمسن ڪندو جڏهن ته ٽام ليٿم ورلڊ ڪپ ۾ ڪيوي ٽيم جو نائب ڪپتان هوندو.

سينيئر رانديگر ٽم سائوٿي کي چوٿون ڀيرو ورلڊ ڪپ اسڪواڊ لاءِ چونڊيو ويو آهي، جڏهن ته ٽرينٽ بولٽ ۽ ميٽ هينري ٽيون ڀيرو ورلڊ ڪپ ۾ کيڏندا.

لاڪي فرگوسن، جمي نيشام، مچل سينٽنر ۽ ايش سوڌي به ورلڊ ڪپ اسڪواڊ جو حصو آهن.

اعلانيل اسڪواڊ ۾ ڊيرل مچل، مارڪ چيپمين، ڊيون ڪنوي ۽ گلين فلپس پهريون ڀيرو ون ڊي ورلڊ ڪپ ۾ کيڏندا.

نيوزيلينڊ جي رچن رونڊرا ۽ ول ينگ کي به اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي، ٻنهي کي ڪنهن به فارميٽ ۾ پهرين ورلڊ ڪپ لاءِ چونڊيو ويو آهي.

Read Previous

ايشيا ڪپ: فاسٽ بالر حارث رئوف انفٽ ٿي ويو

Read Next

شاهه رخ خان واحد اسٽار آهي جنهن انڊرورلڊ، اڳيان هار ناهي مڃي سنجي گپتا

Most Popular