ايشيا ڪپ: فاسٽ بالر حارث رئوف انفٽ ٿي ويو

ٽيم انتظاميا موجب حارث رئوف ڀارت خلاف ميچ ۾ بالنگ نه ڪندو.

حارث رئوف احتياطي طور تي بالنگ نه ڪندو، کيس پٺيءَ ۾ درد آهي.

حارث رئوف جي ايم آر آءِ به ڪئي وئي جنهن ۾ ڳوڙها نه مليا.

فاسٽ بالر حارث رئوف جو ٽيم ميڊيڪل پينل مسلسل معائنو ڪري رهيو آهي.

واضح رهي ته ايشيا ڪپ جي سپر فور مرحلي ۾ گذريل ڏينهن پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ کيڏي ويندڙ اهم ميچ مسلسل برسات ۽ گرائونڊ جي خراب ٿيڻ سبب ملتوي ڪري ريزرو ڊي ۾ منتقل ڪيو ويو هو.

رزرو ڏينهن تي، اڄ جي راند شروع ٿيندي جتان اڳئين ڏينهن ڇڏي هئي.

ڪالهه برسات سبب رڳو 24.1 اوورن جي راند ٿي سگهي، جنهن ۾ ڀارت 2 وڪيٽن جي نقصان تي 147 رنسون ٺاهيون.

Read Previous

پاڪستاني ٽيم پهريون ڀيرو يورپي لانگ رينج چيمپيئن شپ ۾ شرڪت

Read Next

ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ لاءِ نيوزيلينڊ اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو، ڪين وليمسن جي واپسي

Most Popular