ڪوٽ غلام محمد ويجهو قومي عوامي تحريڪ اڳواڻ ۽ پٽ جي مبينا تذليل، وڊيو وائرل

ڪوٽ غلام محمد ويجهو قومي عوامي تحريڪ جي ضلعي جوائنٽ سيڪريٽري رازو مل ڪولهي ۽ سندس پٽ گلشن جي مبينا تذليل واري وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي

ان سلسلي ۾ ٻڌايو پيو وڃي ته هيرو ڪولهي ۽ ٻين جوابدارن رازول مل ۽ سندس پٽ کي وڻ سان ٻڌي تذليل جو نشانو بڻايو، سوشل ميڊيا تي جوابدارن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو ويو آهي

رازو مل جو چوڻ آهي ته ڌيءُ کي سندس مڙس سورج ۽ سهرو هيرو مل تشدد جو نشانو بڻائيندا هئا، ڌيءُ کي ڇڏائڻ وياسين ته تشدد جو نشانو بڻايو ويو، اسان جي ڌيءَ تي به تشدد ڪيو ويو

الزام هيٺ آيل سورج ۽ هيرو مل ڪولهي جو چوڻ آهي ته رازو مل، سندس پٽ ۽ ٻين گهر ۾ گهڙي تشدد ڪيو، جنهن بعد کين وڻ سان ٻڌي ڇڏيو

پوليس مبينا تذليل جو نشانو بڻايل رازو ڪولهي ۽ سندس پٽ سميت 6 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪري ورتو آهي، جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيا

Read Previous

ڪراچي ۾ ٽي تلوار تي ساگر ڪُمار، پريا ڪماري ۽ ٻين مغوين جي بازيابي لاءِ لڳل ڌرڻو ختم

Read Next

بلديه فيڪٽري کي باهه ڏيڻ واري سانحي ۾ سزا ٻڌايل ساٿين کي اڪيلو نه ڇڏينداسين: ايم ڪيو ايم اڳواڻ

Most Popular