بلديه فيڪٽري کي باهه ڏيڻ واري سانحي ۾ سزا ٻڌايل ساٿين کي اڪيلو نه ڇڏينداسين: ايم ڪيو ايم اڳواڻ

ڪراچي: ايم ڪيو ايم جي اڳواڻن خالد مقبول صديقي، مصطفيٰ ڪمال ۽ ٻين چيو آهي ته بلديه فيڪٽري کي باهه ڏيڻ واري سانحي ۾ سزا ٻڌايل ساٿين کي اڪيلو نه ڇڏينداسين، بلديه سانحي ۾ ايم ڪيو ايم نه پر فيڪٽري مالڪ ملوث آهن

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ايم ڪيو ايم جي اڳواڻن خالد مقبول صديقي، مصطفيٰ ڪمال ۽ ٻين چيو ته عدالت پاران هڪ راءِ کي فيصلو بڻائي ٻڌايو ويو، عدالتي فيصلي کي رد ڪيون ٿا، اليڪشن ويجهو اچڻ جي ڪري اها سازش ڪئي وئي آهي

خالد مقبول چيو ته ايم ڪيو ايم کي اليڪشن کان پري رکڻ لاءِ بلديه سانحي واري ڪيس جو فيصلو ٻڌايو ويو آهي، بينظير جي قتل کانپوءِ ماڻهن کي جيئرو ساڙيو ويو، انهن واقعن جي به جاچ ڪرائي وڃي

Read Previous

ڪوٽ غلام محمد ويجهو قومي عوامي تحريڪ اڳواڻ ۽ پٽ جي مبينا تذليل، وڊيو وائرل

Read Next

سپريم ڪورٽ پاران شهيد بينظير ڀٽو جي حڪومت ڪيرائڻ واري سازش ۾ ملوث فوجي آفيسرز جون سزائون برقرار

Most Popular