آمريڪي جيل مان خطرناڪ قيدي فرار

آمريڪي رياست پينسلوانيا جي جيل مان هڪ خطرناڪ قيدي فرار ٿي ويو.

پرڏيهي ميڊيا موجب برازيل سان تعلق رکندڙ ڊينيلو ڪيولڪينٽي کي قتل جي ڏوهه ۾ قيد ڪيو ويو هو ۽ 2 هفتا اڳ فرار ٿيڻ دوران پوليس جي ٽريڪنگ ڪتن، ڊرونز، هيلي ڪاپٽرن ۽ اسپيشل فورسز جي اهلڪارن کي فرار ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو هو.

آمريڪي پوليس موجب برازيل جي شخص کي تازو ئي 2021 ۾ پنهنجي عورت دوست کي سندس ٻارن جي سامهون ڪيترائي ڀيرا چاقو سان وار ڪرڻ تي عمر قيد جي سزا ٻڌائي وئي هئي ۽ هو برازيل ۾ به قتل جي الزام ۾ گهربل آهي.

پرڏيهي جو چوڻ آهي ته تازو مليل ڄاڻ موجب قيدي پينسلوانيا جي شهر فلاڊيلفيا ۾ هڪ گهر مان بندوق چوري ڪئي آهي، پوليس کيس انتهائي خطرناڪ قرار ڏنو آهي.

رپورٽن مطابق قيدي جي گرفتاري لاءِ پوليس جي وڏي نفري سرچ آپريشن ۽ ٻيا قدم کڻي رهي آهي.

Read Previous

عجيب ڳالهه آهي ته هڪ پارٽي اليڪشن جي تاريخ ڏئي رهي آهي بلاول ڀٽو

Read Next

اتر ڪوريا جي سربراهه ڪم جونگ ان جي روسي صدر ولاديمير پيوٽن سان ملاقات

Most Popular