اتر ڪوريا جي سربراهه ڪم جونگ ان جي روسي صدر ولاديمير پيوٽن سان ملاقات

اتر ڪوريا جي سربراهه ڪم جونگ ان روس جي دوري دوران صدر ولاديمير پيوٽن سان ملاقات ڪئي.

پرڏيهي ميڊيا موجب اتر ڪوريا جي سربراهه ۽ روسي صدر وچ ۾ روسي اسپيس سينٽر ۾ ملاقات ٿي.

پرڏيهي ميڊيا موجب روسي صدر اتر ڪوريا جي سربراهه کي خلائي مرڪز جو دورو به ڪيو.

ان حوالي سان روسي صدر جو چوڻ آهي ته اتر ڪوريا جي سربراهه راڪيٽ ٽيڪنالاجي ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو.

روس جي صدر جو چوڻ آهي ته روس اتر ڪوريا کي سيٽلائيٽ ٺاهڻ ۾ مدد ڪري سگهي ٿو، جيئن اتر ڪوريا پنهنجو خلائي پروگرام تيار ڪرڻ جي ڪوشش ڪري.

ياد رهي ته اتر ڪوريا جو سربراهه ڪم جونگ اُن گذريل ڏينهن بلٽ پروف ۽ ڪاري شيشي واري ٽرين ۾ روس پهتو هو.

Read Previous

آمريڪي جيل مان خطرناڪ قيدي فرار

Read Next

آءِ سي سي ون ڊي رانديگرن جي رينڪنگ ۾ بابر اعظم جي پوزيشن برقرار، امام الحق جي تنزلي

Most Popular