آءِ سي سي ون ڊي رانديگرن جي رينڪنگ ۾ بابر اعظم جي پوزيشن برقرار، امام الحق جي تنزلي

انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) ون ڊي رانديگرن جي رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي آهي.

ون ڊي بيٽسمينن ۾ پاڪستاني ڪپتان بابر اعظم جي نمبر ون پوزيشن برقرار آهي، جڏهن ته امام الحق هڪ درجو هيٺان پنجين نمبر تي اچي ويو آهي.

آءِ سي سي طرفان جاري ڪيل رينڪنگ موجب ڀارت جو شوبمن گل ٻئي، ڏکڻ آفريڪا جو راسي وان ڊير ڊسين ٽئين ۽ آسٽريليا جو ڊيوڊ وارنر چوٿين نمبر تي اچي ويو آهي.

ڏکڻ آفريڪا جو ڪوئنٽن ڊي ڪاڪ ستين نمبر تي اچي ويو آهي ۽ ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪپتان روهت شرما نائين نمبر تي اچي ويو آهي.

پاڪستان جو فخر زمان هڪ درجا هيٺ لهي 10هين نمبر تي اچي ويو آهي.

ون ڊي بالرز جي رينڪنگ ۾ آسٽريليا جو جوش هيزل ووڊ پهرين، مچل اسٽارڪ ٻئي ۽ ٽرينٽ بولٽ ٽئين نمبر تي آهي.

آسٽريليا جو ايڊم زمپا هڪ درجا هيٺ لهي چوٿين نمبر تي اچي ويو آهي، جڏهن ته ڀارت جو ڪلديپ ياديو هڪ درجو مٿي چڙهي ستين نمبر تي اچي ويو آهي.

افغانستان جو راشد خان هڪ درجو هيٺ لهي اٺين نمبر تي اچي ويو آهي، پاڪستان جو شاهين شاهه آفريدي 10 هين ۽ حارث رئوف 21 هين نمبر تي آهي.

بنگلاديش جو شڪيب الحسن ون ڊي آل رائونڊرز ۾ پهرين نمبر تي برقرار آهي.

Read Previous

اتر ڪوريا جي سربراهه ڪم جونگ ان جي روسي صدر ولاديمير پيوٽن سان ملاقات

Read Next

ايشيا ڪپ: زمان خان قومي ٽيم ۾ شامل

Most Popular