آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جي خصوصي عدالت سائفر ڪيس ۾ اسد عمر جي گرفتاري کان اڳ ضمانت منظور ڪري ورتي آهي.
جج ابوالحسنات ذوالقرنين ايف آءِ اي پراسيڪيوٽر جي بيان جي روشني ۾ ضمانت منظور ڪئي. اسد عمر کي 50 هزار روپين جا ضمانتي مچلڪا جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي وئي.
ايف آءِ اي پراسيڪيوٽر شاهه خاور ايڊووڪيٽ عدالت ۾ اهم بيان ڏيندي چيو ته هن وقت اسد عمر جي گرفتاري جي ضروري نه آهي. ڇو ته اڃان تائين هن جي خلاف پڪيون شاهديون نه آهن جيڪڏهن جاچ دوران شاهديون سامهون آيون ته ڏسنداسين. اسد عمر کي ايف آءِ آر ۾ نامزد نه ڪيو ويو. عدالت منهنجو بيان لکي وٺي.
اسد عمر جي وڪيل بابر اعوان چيو ته شاهه خاور کي چئو ته عدالتي ڪارروائي ۾ مداخلت نه ڪري. شاهه خاور ايڊووڪيٽ چيو ته مستقبل ۾ جيڪڏهن ڪي به شاهديون سامهون آيون ته اسد عمر کي آگاهه ڪندس.
جج ابوالحسنات ذوالقرنين رمارڪس ڏنا ته پراسيڪيوشن موجب اسد عمر خلاف اڃان تائين ثبوت نه آهن. اسد عمر پاڻ جاچ ۾ شامل ٿيڻ جي خواهش ظاهر ڪئي. جنهن کان پوءِ آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ ڪورٽ اسد عمر جي ضمانت منظور ڪري ورتي.