پيپلز پارٽي عمران خان جي وڪالت ڪرڻ تي لطيف کوسي کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو

پاڪستان پيپلز پارٽي سينئر اڳواڻ ايڊووڪيٽ لطيف کوسي کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي.

شوڪاز نوٽيس پاڪستان پيپلز پارٽي جي سيڪريٽري جنرل نيئر بخاري طرفان جاري ڪيو ويو. هن لطيف کوسي کان ستن ڏينهن اندر جواب طلب ڪيو ويو آهي.

نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته سي اي سي جو ميمبر هجڻ جي باوجود پارٽي جي اجازت کان سواءِ اوهان ڪنهن ٻئي پارٽي جي سربراهه جو دفاع ڪري رهيا آهيون. جڏهن ته وڪيلن جي فنڪشن ۾ سائفر معاملي تي اوهان رياستي پاليسي کي تنقيد جو نشانو بنايو ان ڪري ٻڌايو ته اوهان جي خلاف ڪارروائي ڇو نه ڪئي وڃي.

پارٽي طرفان جاري ڪيل نوٽيس ۾ لطيف کوسي کي چيو ويو آهي ته ستن ڏينهن ۾ شوڪاز نوٽيس جو جواب ڏيو، جواب نه ڏيڻ جي صورت ۾ اوهان جي پارٽي رڪنيت ختم ڪئي ويندي.

ٻئي طرف سردار لطيف کوسي چيو آهي ته پيپلز پارٽي جي سي اي سي اجلاس ۾ شرڪت جي دعوت ملي آهي پر سپريم ڪورٽ ۾ مصروف هجڻ سبب اجلاس ۾ شرڪت نه ڪندس

ايڊووڪيٽ لطيف کوسي چيو ته پيپلز پارٽي منهنجي پارٽي آهي مون کي ڪير به پارٽي مان ڪڍي نٿو سگهي. اڃان تائين ڪوبه شوڪاز نوٽيس نه مليو آهي. نوٽيس ملڻ کان پوءِ جواب ڏيڻ يا نه ڏيڻ جو فيصلو ڪندس.

Read Previous

سائفر ڪيس: اسد عمر جي گرفتاري کان اڳ ضمانت منظور

Read Next

پاڪستان ۽ سريلنڪا وچ ۾ اهم ميچ برسات سبب شروع نه ٿي سگهي

Most Popular