پاڪستان ۽ سريلنڪا وچ ۾ اهم ميچ برسات سبب شروع نه ٿي سگهي

ايشيا ڪپ جي سپر فور مرحلي جي پاڪستان ۽ سريلنڪا وچ ۾ اهم ميچ برسات سبب شروع نه ٿي سگهي آهي.

پاڪستان ۽ سريلنڪا وچ ۾ اڄ ٿيندڙ ميچ ڪولمبو ۾ کيڏيو ويندو. جيڪو سيمي فائنل جي حيثيت اختيار ڪري ويو آهي فائنل کيڏڻ جي لاءِ پاڪستان کي هر صورت ۾ ميچ ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻي پوندي.

هن وقت پاڪستان ۽ سريلنڪا جي ٽيمن جا 2 ميچ کيڏي 2-2 پوائنٽس آهن ۽ اڄوڪو ميچ کٽيندڙ ٽيم فائنل ۾ پهچي ويندي.

واضح رهي ته برسات سبب جيڪڏهن ميچ نه ٿي سگهيو ته پاڪستان ۽ سريلنڪا جي ٽيمن کي هڪ هڪ پوائنٽ ملندو. اهڙي صورت ۾ سريلنڪا جي ٽيم رن ريٽ بهتر هجڻ سبب فائنل جي لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ويندي

Read Previous

پيپلز پارٽي عمران خان جي وڪالت ڪرڻ تي لطيف کوسي کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو

Read Next

مستونگ ۾ ڌماڪو، پي ڊي ايم ترجمان حافظ حمد الله زخمي

Most Popular