ڌيئرون اسان جو مستقبل آهن: شاهه رخ جو 11 سالن جي مداح جي پينٽنگ تي رد عمل

بالي ووڊ ڪنگ شاهه رخ خان چيو آهي ته اسان جون ڌيئرون اسان جو مستقبل آهن.

شاهه رخ خان جي هڪ مداح سوشل ميڊيا ويب سائيٽ ايڪس تي فلم ’جوان‘ ڏسڻ کانپوءِ پنهنجي ڌيءَ جي ٺاهيل پينٽنگ جي تصوير شيئر ڪئي آهي.

هن تصوير شيئر ڪندي لکيو ته فلم ’جوان‘ ڏسڻ کانپوءِ منهنجي 11 سالن جي ڌيءَ سڌو پنهنجي ڪمري ۾ وئي ۽ ٻن ڪلاڪن کانپوءِ اها پينٽنگ کڻي آئي.

هن جو چوڻ آهي ته هن فلم ۾ وڪرم راٿور جو ڪردار پسند ڪيو آهي ۽ هن پينٽنگ ۾ گلابي رنگ استعمال ڪيو آهي ڇو ته هن جو خيال آهي ته فلم جوان ڇوڪرين کي بااختيار بڻائڻ بابت آهي.

پنهنجي مداح جي پوسٽ تي ردعمل ظاهر ڪندي شاهه رخ خان لکيو ته توهان جي ڌيءَ صحيح سمجهي آهي، فلم جوان واقعي ڇوڪرين کي بااختيار بڻائڻ بابت آهي ۽ وڪرم راٿور به ان سان متفق آهن.

هن لکيو ته اسان جون ڌيئرون اسان جو مستقبل آهن، مان پنهنجي ڌيءَ کي پيار ۽ دعائون ڏيندس.

واضح رهي ته فلم ”جان“ ۾ شاهه رخ خان جي ڪردار جو نالو ”وڪرم راٺور“ آهي.

Read Previous

پرتگال ۾ ڪار ۾ سوار 10 مهينن جي ٻارڙي پيءُ جي لاپرواهي سبب فوت

Read Next

عامر خان جي ڌيءَ ايرا پنهنجي شادي جي افواهن تي خاموشي ٽوڙي ڇڏي

Most Popular