عامر خان جي ڌيءَ ايرا پنهنجي شادي جي افواهن تي خاموشي ٽوڙي ڇڏي

بالي ووڊ جي مسٽر پرفيڪشنسٽ عامر خان جي ڌيءَ ايرا خان پنهنجي شادي جي تاريخ بابت افواهن تي خاموشي ٽوڙي ڇڏي آهي.

عامر خان جي ڌيءَ ايرا خان ۽ سندس بواءِ فرينڊ نوپور شيڪرا 18 نومبر 2022 تي هڪ شاندار تقريب ۾ مڱڻي ڪئي، جنهن ۾ عامر خان جي اڳوڻي گهرواري ڪرن رائو ۽ ٻين گهرڀاتين ۽ ويجهن دوستن شرڪت ڪئي.

گذريل ڪجهه ڏينهن کان ڀارتي ميڊيا تي ڪيترن ئي خبرن ۾ اها دعويٰ ڪئي پئي وڃي ته ايرا ۽ نوپور هلندڙ سال 3 آڪٽوبر تي شادي ڪرڻ وارا آهن، جنهن تي ايرا خان پاڻ وضاحت ڪئي آهي.

اداڪار عامر خان جي ڌيءَ ايرا خان پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي هڪ ڪهاڻي شيئر ڪندي پنهنجي شادي ۽ شادي جي تاريخ بابت افواهن جي ترديد ڪئي.

Read Previous

ڌيئرون اسان جو مستقبل آهن: شاهه رخ جو 11 سالن جي مداح جي پينٽنگ تي رد عمل

Read Next

ايشيا ڪپ: پاڪستان جو ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو

Most Popular