جڊيشل ڪامپليڪس ڀڃ ڊاهه ڪيس، پرويز الاهي کي آزاد ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جڊيشل ڀڃ ڊاهه ڪيس ۾ پي ٽي آءِ صدر پرويز الاهي جي ضمانت درخواست منظور ڪندي کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

پرويز الاهي جي ضمانت درخواست تي ٻڌڻي دوران پراسيڪيوٽر راجا نويد، پرويز الاهي جا وڪيل بابر اعواڻ ۽ سردار عبدالرزاق پيش ٿيا.

پراسيڪيوٽر ڪيس جو رڪارڊ عدالت ۾ پيش نه ڪري سگهيو، جنهن تي عدالت رمارڪس ڏنا ته رمانڊ دوران چوڌري پرويز الاهي وٽان ڪجهه به هٿ نه آيو.

ايف آءِ آر ۾ پرويز الاهي نامزد به نه آهي، ان ڪري جوابدار کان وڌيڪ جاچ نه ٿئي، جج ابوالحسنات ذوالقرنين پي ٽي آءِ صدر جي 20 هزار رپين جي مچلڪن عيوض ضمانت منظور ڪري ورتي آهي.

Read Previous

جيل اختيارين جو عمران خان جي پٽن سان فون تي ڳالهائڻ کان انڪار

Read Next

چين آمريڪا جي ٻن فوجي ڪمپنين تي پابندي لڳائي ڇڏي

Most Popular