جيل اختيارين جو عمران خان جي پٽن سان فون تي ڳالهائڻ کان انڪار

اٽڪ جيل اختيارين پي ٽي آءِ چيئرمين جي پٽن سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.

اسلام آباد جي اسپيشل ڪورٽ فار آفيشل سيڪريٽس ايڪٽ جي عدالت ۾ اٽڪ جيل جي سپرنٽينڊنٽ توهين عدالت جي درخواست تي لکت ۾ جواب جمع ڪرايو.

اٽڪ جيل سپرنٽينڊنٽ جواب ۾ چيو ته جيل جا ضابطا اجازت نٿا ڏين، ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه نٿي ٿي سگهي.

اٽڪ جيل سپرنٽينڊنٽ جو چوڻ آهي ته قانون موجب سيڪريٽ ايڪٽ جي جوابدارن کي ٽيليفون جي سهولت فراهم ناهي ڪئي وئي، ٽيليفون بابت عدالتي حڪم جي ڀڃڪڙي ناهي ڪئي وئي.

ان سلسلي ۾ عدالت جي جج ابوالحسنات ذوالقرنين اٽڪ جيل سپرنٽينڊنٽ جي جواب تي 18 سيپٽمبر تي دليلن لاءِ طلب ڪري ورتو.

سپرنٽينڊنٽ اٽڪ جيل پنجاب پريزنرز فائونڊيشن جو خط به عدالت ۾ جمع ڪرايو آهي.

جيل سپرنٽينڊنٽ جي جواب ۾ چيو ويو ته جيل جي قانون 1978ع جي تحت قيدين کي پرڏيهي ٽيليفون تي ڳالهائڻ جي اجازت ناهي.

Read Previous

ڪراچي ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا

Read Next

جڊيشل ڪامپليڪس ڀڃ ڊاهه ڪيس، پرويز الاهي کي آزاد ڪرڻ جو حڪم

Most Popular