چين تائيوان کي آمريڪي هٿيار وڪرو ڪرڻ واري معاملي کانپوءِ 2 آمريڪي فوجي ڪمپنين تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي.
چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان جو چوڻ آهي ته چين آمريڪي ڪمپنين نارٿروپ گرومن ۽ لاڪ هيڊ مارٽن تي پابندي لڳائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان جو اهو به چوڻ آهي ته آمريڪي ڪمپنيون تائيوان کي هٿيار فراهم ڪرڻ تي پابندي جو نشانو بڻيل آهن.