ممبئي ايئرپورٽ تي خانگي جهاز سان حادثو، 8 ڄڻا زخمي

ڀارت جي راڄڌاني ممبئي ۾ هڪ خانگي جهاز رن وي تي لينڊنگ دوران ڪِري پيو.

ڀارتي ميڊيا موجب جهاز کي خميس جي شام پيش آيل حادثي ۾ سخت نقصان پهتو آهي، حادثي ۾ 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

رپورٽن مطابق جهاز ۾ سوار 5 مسافر ۽ 3 عملو شامل آهن، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، حادثي وقت تيز برسات جاري هئي.

اختيارين موجب جهاز وشاکاپٽنم کان ممبئي اچي رهيو هو ته برسات سبب منظر گهٽجڻ ڪري حادثو پيش آيو.

ڀارتي ميڊيا موجب جهاز جو ملبو رن وي تان هٽايو ويو آهي ۽ معمول جي ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي.

Read Previous

آمريڪي عورت سياستدان کي ميوزيڪل پرفارمنس مان ٻاهر ڪڍيو ويو

Read Next

پاڪستان ايشيا ڪپ کان ٻاهر، گرين شرٽس لاءِ سوشل ميڊيا تي همٿائڻ وارا پيغام

Most Popular