آمريڪي عورت سياستدان کي ميوزيڪل پرفارمنس مان ٻاهر ڪڍيو ويو

آمريڪي رياست ڪولوراڊو ۾ ميوزڪ پرفارمنس دوران هڪ عورت سياستدان کي ٿيٽر مان ٻاهر ڪڍيو ويو.

پرڏيهي ميڊيا موجب ڪانگريس ۾ ريپبلڪن سياستدان 36 سالن جي لورين بوبرٽ ۽ ان سان گڏ هڪ مهمان کي ميوزيڪل پرفارمنس دوران ويپنگ ڪرڻ، ڳائڻ، موبائل فون استعمال ڪرڻ ۽ ٻين کي پريشان ڪرڻ تي ٻاهر ڪڍيو ويو.

لورين بوبرٽ جي مئنيجر چيو آهي ته هوءَ اهڙو ڪجهه نه ڪري رهي هئي.

ان حوالي سان ٿيٽر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پهريان ته ٻنهي مهمانن ايوان مان نڪرڻ کان انڪار ڪيو، هڪ ملازم طرفان کين پوليس کي فون ڪرڻ لاءِ به چيو ويو ۽ ان ئي وقت هڪ پوليس اهلڪار ٿيٽر ۾ داخل ٿي ويو، پر هو اچي رهيو هو. سندس اچڻ کان اڳ ٻه مهمان هليا ويا.

Read Previous

ليبيا ۾ ٻوڏ سبب فوتين جو انگو 11 هزار کان وڌي ويو

Read Next

ممبئي ايئرپورٽ تي خانگي جهاز سان حادثو، 8 ڄڻا زخمي

Most Popular