ايران ۾ حجاب جي معاملي تي حراست ۾ مارجي ويل ڇوڪري مهسا اميني جي پهرين ورسي تي سڄي ملڪ ۾ سڪيورٽي اهلڪارن کي مقرر ڪيو ويو آهي.
برطانوي ميڊيا موجب آمريڪا 29 ايراني شخصيتن ۽ ادارن تي پابنديون لاڳو ڪري ڇڏيون آهن جڏهن ته يورپي يونين 4 ايراني اهلڪارن کي بليڪ لسٽ ڪري ڇڏيو آهي.
ٻئي طرف آمريڪي صدر جو بائيڊن چيو آهي ته ايران جو عوام پنهنجي ملڪ جي قسمت جو فيصلو ڪندو، آمريڪا ايراني عوام سان گڏ بيهڻ لاءِ پرعزم آهي.
ياد رهي ته مهسا اميني کي 16 سيپٽمبر تي ايراني ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي پوليس حراست ۾ قتل ڪيو ويو هو، جنهن کانپوءِ سڄي ايران ۾ احتجاجن جو سلسلو شروع ٿي ويو هو.