برطانوي وزيراعظم جو آمريڪي ڪتن تي پابندي جو فيصلو

برطانوي وزيراعظم رشي سونڪ چيو آهي ته خطرناڪ حملن کانپوءِ برطانيا ۾ آمريڪي (ايڪس ايل بلي) ڪتن تي پابندي لڳائي ويندي.

پرڏيهي ميڊيا موجب برطانوي وزيراعظم ان اميد جو اظهار ڪيو آهي ته خطرناڪ ڪتن جي هن نسل تي هلندڙ سال جي آخر تائين پابندي لڳائي ويندي.

سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيو بيان ۾ برطانوي وزيراعظم رشي سونڪ چيو ته اهي ڪتا 2021 کان وٺي گهٽ ۾ گهٽ 14 انساني موت جو سبب بڻيا آهن ۽ ٻارن ۽ برادرين لاءِ خطرو آهن.

برطانوي وزيراعظم ڪتن جي انسانن تي حملا ڪرڻ جي وڊيوز ۽ ماڻهن ۾ خوف ۽ حراس جو حوالو ڏيندي چيو آهي ته هن ڪتن جي هن نسل تي پابندي لڳائڻ لاءِ فوري طور تي عمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي ته جيئن ماڻهن کي محفوظ رکيو وڃي.

برطانوي وزيراعظم چيو ته هاڻي واضح ٿي ويو آهي ته مسئلو ڪجهه خراب تربيت يافته ڪتن جو نه پر انهن جي رويي جو آهي.

"مالڪن جي ذميواري آهي ته انهن جي ڪتن کي ڪنٽرول ۾ رکون. مان ماڻهن کي يقين ڏيارڻ چاهيان ٿو ته اسان انهن حملن کي روڪڻ ۽ عوام جي حفاظت لاء فوري طور تي ڪم ڪري رهيا آهيون،” هن وڌيڪ چيو.

Read Previous

ايران: حجاب واري معاملي تي حراست ۾ مارجي ويل مهسا اميني جي پهرين ورسي

Read Next

آمريڪي ايئرپورٽ تي اسٽاف کي چوري ڪندي ڏٺو ويو

Most Popular