آمريڪي ايئرپورٽ تي اسٽاف کي چوري ڪندي ڏٺو ويو

آمريڪا جي شهر ميامي ايئرپورٽ تي عملي جي ميمبرن مسافرن جي سامان مان پئسا ۽ قيمتي سامان چوري ڪرڻ جي وڊيو سامهون آئي آهي.

آمريڪي ميڊيا موجب 29 جون تي عملي جي 2 ميمبرن مسافرن جي بيگز مان 600 ڊالر ۽ ٻيو سامان چوري ڪيو.

پرڏيهي ميڊيا موجب جوابدار ايڪسري مشين ذريعي سامان گذرڻ دوران مسافرن جي سامان مان پئسا چوري ڪندو هو.

رپورٽن مطابق ٻنهي جوابدارن حراست ۾ ورتا آهن ۽ هنن اڳ به اهڙو ئي واقعو ڪرڻ جو اعتراف ڪيو آهي.

Read Previous

برطانوي وزيراعظم جو آمريڪي ڪتن تي پابندي جو فيصلو

Read Next

شاهه رخ ۽ سلمان خان فلم ”ٽائيگر بمقابله پٺاڻ“ ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ تيار

Most Popular