شاهه رخ ۽ سلمان خان فلم ”ٽائيگر بمقابله پٺاڻ“ ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ تيار

سپر اسٽار شاهه رخ خان ۽ سلمان خان فلم ”ٽائيگر بمقابله پٺاڻ“ ۾ گڏ ڪم ڪندا.

ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب نئين فلم جو اسڪرپٽ ٻنهي ستارن کي گذريل مهيني ٻڌايو ويو آهي.

فلم جي پروڊڪشن هن سال نومبر کان شروع ٿيندي، جڏهن ته شوٽنگ مارچ 2024ع کان شروع ڪئي ويندي.

ٽائيگر بمقابله پٺاڻ جي اسڪرپٽ کي شاهه رخ خان ۽ سلمان خان ٻنهي جي رضامندي سان منظور ڪيو ويو آهي.

هن فلم کي اڳ ۾ ئي سئنيما انڊسٽريءَ لاءِ سنگ ميل چيو پيو وڃي ڇاڪاڻ ته ’ڪرن ارجن‘ کانپوءِ اهو پهريون ڀيرو آهي جو سلمان ۽ شاهه رخ هڪ ميگا فلم لاءِ گڏ اچي رهيا آهن.

Read Previous

آمريڪي ايئرپورٽ تي اسٽاف کي چوري ڪندي ڏٺو ويو

Read Next

عمران عباس ڀارتي اداڪارا سان گڏ ڳائيندي

Most Popular