پرويز الاهي جي گرفتاري: آءِ جي اسلام آباد جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري

لاهور هاءِ ڪورٽ آزاد ڪرڻ جي حڪم باوجود پاڪستان تحريڪ انصاف(پي ٽي آءِ) جي صدر چوڌري پرويز الاهي کي گرفتار ڪرڻ تي آءِ جي اسلام آباد جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن.

آزاد ڪرڻ جي حڪم باوجود پرويز الاهي کي گرفتار ڪرڻ تي پوليس آفيسرن جي خلاف توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ٿي. آءِ جي اسلام آباد گرفتاري وارنٽ جاري ٿيڻ باوجود لاهور هاءِ ڪورٽ م پيش نه ٿيو جنهن تي لاهور هاءِ ڪورٽ آءِ جي اسلام آباد جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.

لاهور هاءِ ڪورٽ لاڳاپيل ايس پي اسلام آباد کي آءِ جي کي پيش نه ڪرڻ تي شوڪاز به جاري ڪيو ۽ حڪم ڏنو ته آءِ جي اسلام آباد کي گرفتاري ڪري عدالت ۾ پيش ڪريو. عدالت ڊي آءِ جي آپريشن ۽ ڊي آءِ جي انويسٽيگيشن جو لکت ۾ جواب به رد ڪري ڇڏيو ۽ ٻنهي آفيسرن کي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جي لاءِ طلب ڪري ورتو. جڏهن ته سرڪاري وڪيل کي پراسيڪيوٽر مقرر ڪيو ويو.

ياد رهي ته 2 ڏينهن اڳ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ چوڌري پرويز الاهي جي گرفتاري بابت ڪيس ۾ آءِ جي اسلام آباد جي خلاف توهين عدالت جي درخواست نه ٻڌڻي جوڳي قرار ڏني هئي.

عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو هو ته لاهور هاءِ ڪورٽ اسلام آباد پوليس ۽ انتظاميه کي توهين عدالت درخواست نوٽيس جاري ڪري چڪي آهي پرويز الاهي جا وڪيل مطمئن نه ڪري سگهيا ته هن عدالت جي آرڊر جي ڀڃڪڙي ڪيئن ٿي؟ان ڪري آءِ جي اسلام آباد جي خلاف توهين عدالت جي درخواست ٻڌڻ جوڳي قرار ڏني وڃي ٿي.

Read Previous

چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ گارڊ آف آنر وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

Read Next

ملڪ جي مختلف علائقن ۾ برسات: ٿڌيون هوائون لڳڻ سبب موسم خوشگوار

Most Popular