چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ گارڊ آف آنر وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

چيف جسٽس پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ گارڊ آف آنر وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.

چيف جسٽس پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ جي سپريم ڪورٽ پهچڻ تي کيس اسلام آباد پوليس طرفان گارڊ آف آنر پيش ڪرڻو هو پر نئين چيف جسٽس گارڊ آف آنر وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پوليس کي پنهنجي ذميواري دل سان ادا ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. چيف جسٽس جي سپريم ڪورٽ پهچڻ تي عملي طرفان سندس استقبال ڪيو ويو. ان موقعي تي عملي سان ڳالهين ۾ چيف جسٽس پاڪستان چيو ته اڄ منهنجون تمام گهڻيون گڏجاڻيون ۽ فل ڪورٽ آهي. مون کي صرف اوهان سڀني جو سهڪار گهرجي.

ياد رهي ته سپريم ڪورٽ جي سينئر ترين جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پاڪستان جي 29هين چيف جسٽس جي حيثيت سان عهدي جو حلف کڻي ورتو آهي.

Read Previous

ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو سپريم ڪورٽ جي ڪارروائي لائيو نشر، فل ڪورٽ بنائڻ واريون درخواستون ٻڌڻ جوڳيون قرار

Read Next

پرويز الاهي جي گرفتاري: آءِ جي اسلام آباد جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري

Most Popular