چيني ڪمپني جو پاڪستان ۾ اليڪٽرڪ گاڏين وارو پلانٽ لڳائڻ جو اعلان

مهانگي پيٽرول کان تنگ گاڏي جي مالڪن لاءِ خوشخبري سامهون اچي وئي آهي. چين جي مشهور ڪارون تيار ڪندڙ ڪمپني پاڪستان ۾ اليڪٽرڪ گاڏين جو پلانٽ قائم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

ڪمپني جي اسسٽنٽ چيئرمين جي يو زونگ جي سربراهي ۾ وفد ايف پي سي سي آءِ جي نائب صدر سان ملاقات جي موقعي تي اهڙو اعلان ڪيو آهي.

جي يو زونگ چيو ته هو پاڪستاني مارڪيٽ ۾ داخل ٿي رهيا آهن ۽ مينو فيڪچرنگ يونٽ ۽ شورومز قائم ڪرڻ ڪمپني جي مفاد ۾ آهي اهو ڊگهي مدي واري ڪاروباري منصوبي جو حصو آهي. هن وڌيڪ چيو ته اليڪٽرڪ ڪارن جي استعمال سان پيٽرول جي لاڳت ۾ تمام گهڻي بچت ٿيندي.

Read Previous

عمران خان کي پٽن سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه نه ڪرائڻ تان اٽڪ جيل جي سپرنٽينڊنٽ کان جواب طلب

Read Next

سيبس يونيورسٽي ۾ فنانس اينڊ پلاننگ ڪميٽي پاران مختلف منصوبن جي منظوري

Most Popular