عمران خان کي پٽن سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه نه ڪرائڻ تان اٽڪ جيل جي سپرنٽينڊنٽ کان جواب طلب

آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جي تحت قائم خصوصي عدالت پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي پٽن سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه نه ڪرائڻ تان توهين عدالت جي درخواست تي سپرنٽينڊنٽ اٽڪ جيل کان جواب طلب ڪري ورتو آهي.

آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جي خصوصي عدالت اسلام آباد جي جج ابوالحسنات ذوالقرنين پي ٽي آءِ چيئرمين جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. پي ٽي آءِ چيئرمين جو وڪيل شيراز احمد رانجها ۽ پراسيڪيوٽر راجا نويد عدالت جي آڏو پيش ٿيا.

پي ٽي آءِ چيئرمين جي وڪيل دليل ڏنا ته سپرنٽينڊنٽ اٽڪ جيل طرفان جيل مينوئل جي غلط تشريح ڪئي وئي آهي. آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ ۾ ڳالهه ٻولهه ڪرائڻ تي ڪابه پابندي نه آهي. پنجاب جيل قانون موجب سزا يافته ڏوهاري جي ڳالهه ٻولهه نٿي ڪرائي سگهجي جڏهن ته پي ٽي آءِ چيئرمين سزا يافته نه آهي پر هو انڊر ٽرائيل آهي. ڪنهن به قسم جي قانوني رنڊڪ ناهي ته پوءِ ڳالهه ٻولهه ڇو نٿي ڪرائي وڃي.

پي ٽي آءِ چيئرمين جي وڪيل عدالت کان ملاقات جي لاءِ هڪ دفعو ٻيهر استدعا ڪئي ته عدالت اٽڪ جيل جي سپرنٽينڊنٽ کان وضاحت طلب ڪندي ٻڌڻي 28 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

اٽڪ جيل جي سپرنٽينڊنٽ درخواست تي رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي آهي جنهن موجب جيل رولز پرڏيهه ۾ ويٺل ڪنهن به شخص سان ڳالهه ٻولهه ڪرائڻ جي اجازت نٿا ڏين ان لاءِ پي ٽي آءِ چيئرمين جي سندس پٽن سان ڳالهه ٻولهه نٿي ڪرائي سگهجي.

Read Previous

اڳوڻي وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد جي گرفتاري خلاف پٽيشن داخل

Read Next

چيني ڪمپني جو پاڪستان ۾ اليڪٽرڪ گاڏين وارو پلانٽ لڳائڻ جو اعلان

Most Popular