برطانيه جي شهر مانچسٽر جا مقامي ماڻهو گلابي ڪبوتر کان ڇو ڊڄن ٿا؟

برطانوي شهر مانچسٽر ۾ هڪ گلابي ڪبوتر کي ڏسي مقامي ماڻهو حيران ۽ پريشان آهن.

برطانوي نشرياتي اداري موجب مانچسٽر جا ڪيترائي مقامي ماڻهو اندازو لڳائي رهيا هئا ته ڇا پراسرار پکيءَ کي رنگ ڏنو ويو هو يا ڪبوتر قدرتي طور گلابي رنگ جو هو.

ميڊيا رپورٽن موجب گريٽر مانچسٽر پوليس به سوشل ميڊيا تي ان ڪبوتر بابت بيان جاري ڪيو آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته هنن هن ڪبوتر کي منجهند جي وقت به زمين تي هلندي ڏٺو آهي.

ميڊيا آئوٽ ليٽ موجب مانچسٽر نيٽيزن سوشل ميڊيا تي هن گلابي پکي بابت منفرد، دلچسپ ۽ قياس آرائي وارا تبصرا ڪري رهيا آهن.

ڪن جو چوڻ آهي ته هن پراسرار پکي کي پينٽ ڪيو ويو آهي جڏهن ته ڪن جو چوڻ آهي ته اهو ڪنهن شيءِ ۾ ڪري پيو هوندو.

ايڪس استعمال ڪندڙن جو اهو به چوڻ آهي ته اهو پکي معجزاتي طور تي قدرتي گلابي رنگ جو ٿي سگهي ٿو.

Read Previous

فاطمه ڦرڙو قتل ڪيس ۾ روپوش جوابدار فياض شاهه جو ڀائيٽيو شاهزيب شاهه گرفتار

Read Next

آسٽريليا ۾ رڪارڊ ٽوڙ گرمي جي لهر

Most Popular