آسٽريليا ۾ رڪارڊ ٽوڙ گرمي جي لهر

سڊني شهر سميت آسٽريليا جو ڏکڻ اوڀر وارو علائقو گذريل ٻن ڏينهن کان گرمي جي لهر کي منهن ڏئي رهيو آهي، جنهن اڄ شدت اختيار ڪئي.

پرڏيهي خابرو اداري موجب آسٽريليا جي موسميات کاتي موجب گرمي جي لهر سبب آسٽريليا ۾ گرمي جا نوان رڪارڊ قائم ٿيڻ جو امڪان آهي. سيپٽمبر جي سراسري گرمي پد 16 ڊگري سينٽي گريڊ تائين وڌڻ جو امڪان آهي.

آسٽريليا جي موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته سومر تي (اڄ) گرمي پد 36 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي سگهي ٿو جڏهن ته خميس تائين 22 ڊگري سينٽي گريڊ تائين وڃي سگهي ٿو.

خابرو اداري موجب گذريل هفتي جي آخر ۾ شروع ٿيندڙ گرمي جي لهر ڏکڻ آسٽريليا جي رياستن وڪٽوريا، نيو سائوٿ ويلز ۾ اربع تائين جاري رهڻ جو امڪان آهي.

Read Previous

برطانيه جي شهر مانچسٽر جا مقامي ماڻهو گلابي ڪبوتر کان ڇو ڊڄن ٿا؟

Read Next

لنڊن کان لاس اينجلس ويندڙ اڏام جي هيٿرو ايئرپورٽ تي ايمرجنسي لينڊنگ

Most Popular