برسات سبب پاڪستان وومين ٽيم ايشين گيمز جي سيمي فائنل ۾ پهچي وئي

چين جي شهر هانگزو ۾ جاري 19هين ايشين گيمز جي وومين ڪرڪيٽ ايونٽ ۾ پاڪستان ۽ انڊونيشيا جي ٽيمن وچ ۾ ڪوارٽر فائنل ميچ برسات سبب نه ٿي سگهيو.

پاڪستان وومين ڪرڪيٽ ٽيم بهتر سيڊنگ جي بنياد تي سيمي فائنل لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو آهي.

ڀارت به سيمي فائنل لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو آهي جڏهن ته ٻه ڪوارٽر فائنل جمعي تي کيڏيا ويندا، جنهن ۾ سريلنڪا جو مقابلو ٿائيلينڊ ۽ بنگلاديش جو مقابلو هانگ ڪانگ سان ٿيندو.

واضح رهي ته پاڪستان ايشين گيمز وومينز ڪرڪيٽ ايونٽ جي دفاعي چيمپيئن آهي، 2010 ۽ 2014 جي ايشين گيمز وومين ڪرڪيٽ ايونٽس ۾ گولڊ ميڊل کٽي چڪو آهي.

Read Previous

فلم 3 ايڊيٽس جو ’لائبررين‘ ديهانت ڪري ويو

Read Next

ورلڊ ڪپ کان اڳ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم لاءِ خوشخبري اچي وئي

Most Popular